ڄيٺڙا (ذات)

ڄيٺڙا (ذات): ڄيٺڙا ذات وارا سنڌ جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهن. ڳوٺ کاهي، تعلقي نوشهري فيروز جا ڄيٺاڻي ۽ ٺارو شاهه جا گيانچنداڻي ساڳيءَ ذات جا آهن. هن ذات جا هندو موري، سڪرنڊ، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، بوبڪ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد آهن. لاڙڪاڻي، ٺارو شاهه ۽ ٻين هنڌن جا ڄيٺڙا ويرناٿ جي مڙهيءَ جا شيوڪ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو